تصوير نگاري

تصوير نگاري

تصوير نگاري

تصوير نگاري (Petroglyph ):قديم زماني جي ماڻهن، پنهنجين سوچن، خيالن، ريتن رسمن ۽ مذهبي لاڙن کي پٿر تي تڏهن اڪيريو جڏهن ڪاغذ اڃا نه ٺهيو هو. پٿر تي نڪتل چٽن ۽ تصويرن اڪيرڻ جي فن کي نقش نگاري، تصوير نگاري سڏجي ٿو. دنيا جي هر انهيءَ خطي ۾ جتي اوائلي تهذيبن جنم ورتو آهي اتي پٿر تي تصوير نگاريءَ جا نمونا ملن ٿا. هندوستان ۽ پاڪستان ۾ ڪيترن هنڌن تي هن قسم جا چٽ مليا آهن. تاريخ کان اڳ واري دور ۾ پٿر تي ٿيل اڪر يا نقش نگاريءَ ۾ مختلف جانورن جون تصويرون، شڪار جا منظر، مذهبي لاڙن يا رجحانن کي ظاهر ڪندڙ علامتون ۽ انهن بابت تجريدي چٽ، ان زماني جي سماج جي ڪافي حد تائين، نشاندهي ڪن ٿا. کيرٿر جي مختلف هنڌن تي اوائلي دور جون، ماڻهن، جانورن جن ۾ سرهن، گڊن وغيره جون ابتيون سبتيون شڪليون نڪتل آهن. خاص ڪري ڪتي جي قبر ڏانهن ويندي سيتا نئن جي ٻئي ڪناري تي ”شاهه ڪنڀ“ وٽ، اهي شڪليون ڪافي تعداد ۾ ملن ٿيون. ان ڪري انهيءَ هنڌ کي مقامي ماڻهو سڏيندا ئي ”چٽن واري ڀر“ آهن. ساڳي ئي نموني کيرٿر ۾ ڏمڙي لڪ لهڻ مهل به اهڙا چٽ نمايان نظر ايندا. قديم زماني کان اسلام جي ظهور پذير ٿيڻ تائين سنڌ تي هندومت، جين مت ۽ ٻڌمت جو گھرو اثر رهيو. کيرٿر جي ”سدو مزو ڊهه“ وٽ لکيل ڪجهه تحريرون پشاور يونيورسٽيءَ مان پڙهايون ويون آهن ته اهي لکتون برهمي لپيءَ جون چيون وڃن ٿيون. اها لکت ڏکڻ ايشيا ۾ ٽين صدي ق. م تائين لکڻ ۾ ايندي هئي. انهن لکتن ۾ ڪجهه هن قسم جا لفظ مليا آهن. متارو، پرنداپ، دارا ۽ ڌمشا وغيره. (هن قسم جي تصوير نگاريءَ تي سنڌ ۾ تحقيق هلي رهي آهي). انهن نالن کان سواءِ ڪجهه شڪليون به آهن، جيڪي سڃاپجي سگھجن ٿيون. جيئن پنجن اسٽوپائن جا نشان، ڍڳو، گھوڙو، هڪ ناچڻي جي اڪر، سواستيڪا جو نشان وغيره سدو مزو ڊهه کان سواءِ کيرٿر ۾ اهڙي قسم جي تصوير نگاري ”نئن جھڏڙي ڪنڀ“ وٽ ملي ٿي، جيڪو نئن نلي ڏانهن وهندڙ زئيني ڍوري جي ڪناري تي آهي، پپر ڪنڀ جي سامهون ڀورن دڙن وٽ آهي .


لفظ تصوير نگاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو